طاهر محمد نسياني مير

طاهر محمد نسياني، مير (تاريخدان): تاريخ طاهريءَ جي مصنف طاهر محمد نسياني جي والد جو نالو سيد حسن ٺٽوي هو. سندس وڏا اصل استرآباد ايران جا هئا. طاهر محمد سال 990هه/1582ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ پنهنجي پيءُ جي نظرداريءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. مير طاهر محمد تعليم پوري ڪرڻ بعد مرزا غازي بيگ ترخان جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. هن جو پيءُ به غازي بيگ وٽ ملازم هو. غازي بيگ جي ملازمت ۾ هو سال 2-1601ع ڌاري شامل ٿيو تڏهن سندس پيءُ غازي بيگ جي ملازمت مان رٽائر ٿي چڪو هو. غازي بيگ جو مٿس گهڻو اعتبار هو جو جڏهن غازي بيگ 1604ع ۾ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ ويو ته طاهر محمد کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو. انهيءَ ڪري هن اڪبري دربار بابت تفصيل سان پنهنجي ڪتاب ’تاريخ طاهري‘ ۾ لکيو آهي. اڪبري درٻار کان واپسيءَ وقت جڏهن غازي بيگ قنڌار پئي ويو ته هي کانئس موڪلائي ٺٽي واپس آيو. طاهر محمد لاهور مان کانئس موڪلايو هو. اهو سن 1606ع جو زمانو هو. ٺٽي پهچڻ کان پوءِ هي سڀ مصروفيتون ڇڏي پڙهڻ کي لڳي ويو. هن جو استاد به آخوند اسحاق بخاري هو جنهن غازي بيگ ميرزا کي پڙهايو هو. طاهر محمد انهي استاد وٽان فارسيءَ جي نثر ۽ نظم ۾ مهارت حاصل ڪئي هن کي آخوند اسحاق حافظ، سعدي، رومي ۽ جاميءَ جي شاعريءَ تي دسترس حاصل ڪرائي جنهن ڪري هو فارسي شاعري پڻ ڪرڻ لڳو. هن مير ظهير الدين پٽ شڪر الله شيرازيءَ کان خاقاني ۽ انوريءَ جا قصيدا به پڙهيا. ميرزا غازي بيگ 1015هه/1606ع جي رمضان مهيني ۾ شاهي فوج سان قنڌار ويو، ته طاهر نسياني به ڪنهن طرح سان قنڌار وڃي ساڻس مليو. قنڌار جو حال احوال هن تاريخ طاهريءَ ۾ چٽي طرح لکيو آهي. هن اتان جي ڏڪار بابت تفصيل سان لکيو آهي. جلد ئي مرزا غازي بيگ کي اجازت ملي هو بکر موٽي آيو. لکتن مان معلوم ٿئي ٿو ته غازي بيگ کي وري حڪم ٿيو ته هو درٻار ۾ حاضر ٿئي ته هي به مرزا غازي بيگ سان گڏ هو. جڏهن غازي بيگ کي قنڌار جو ٻيهر گورنر مقرر ڪيو ويو ته طاهر محمد کائنس اجازت وٺي بکر روانو ٿيو. اهو 1018هه/1609ع جو دؤر هو. جنهن بعد طاهر محمد ٺٽي ۾ رهيو ۽ سنڌ ۾ 1010هه/1601ع کان 1012هه/1603ع تائين. ٿيندڙ واقعن کي هن تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هن خسرو چرڪس جي بدعنوانين ۽ ’سائين ڏني هندو خان‘ جي مرزا غازي بيگ طرفان مقرريءَ جو سمورو احوال ڏنو آهي. مرزا غازي بيگ 1021هه/1611ع ۾ وفات ڪئي. طاهر محمد کي غازي بيگ گهڻو ڀائيندو هو کيس تمام گهڻو ڏک پهتو. خسرو چرڪس جڏهن واپس ٺٽي ۾ آيو ته طاهر کي هن جي ملازمت ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿي. تڏهن سندس عمر 43 سال هئي. هن مرڳو ٺٽي ۾ رهڻ نه پئي چاهيو. جنهن ڪري هو دربيلي هجرت ڪري ويو. درٻيلي ۾ سندس ناني عمر شاهه جو گهر هو، سندس به ملڪيت هئي. هو ست اٺ سال اتي رهيو. خاموش زندگي گذارڻ سبب کيس پڙهڻ جو موقعو مليو ته هن عمر مارئيءَ جي قصي کي فارسي ۾ منظوم ڪيو. مرزا باقي بيگ جي مرڻ کان پوءِ هن ارغونن ۽ ترخانن جي سنڌ تي حڪومتي دؤر تي لکڻ لاءِ سوچيو پر هن کي ڪنهن سرپرست ۽ قدردان جي ضرورت محسوس ٿي ته سردار شاهه بيگ جيڪو سندس پيءُ جو واسطيدار هو ۽ ڪن جنگين ۾ ساڻس گڏ هو. هي وڏو علم پرور هو تنهنڪري مير طاهر محمد سندس عملي ۾ داخل ٿيو. 1028هه/1618ع ۾ شاهه بيگ ٺٽي جو گورنر هو ۽ هن وڏي عمر سبب جهانگير بادشاهه کان رٽائرمنٽ گهري جيڪا کيس ملي. خوشاب ضلعي جي سڄي آمدني سموري عمر لاءِ پينشن طور مقرر ڪئي وئي. کيس شاهه محمد بيگ عادل خان جو لقب به ڏنو ويو. ڪجهه عرصو اتي رهڻ کان پوءِ طاهر محمد واپس درٻيلي موٽي آيو. اتي رهي هن پنهنجي ڪم جي نظرثاني ڪئي. اهو معلوم نٿو ٿئي ته پاڻ درٻيلي ڪيترو عرصو ترسيو پر 1037هه/28-1627ع ۾ مرزا عيسيٰ ٻئين کي شهنشاهه جهانگير ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ته طاهر محمد واپس ٺٽي آيو. پاڻ 1641ع ۾ وفات ڪيائين. کيس مڪليءَ ۾ عبدالله شاهه جي ڀرسان باغائي سيدن جي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو


هن صفحي کي شيئر ڪريو